ارشاد احمد آدرش شيخ

ارشاد احمد آدرش شيخ

ارشاد احمد آدرش شيخ

ارشاد احمد ’آدرش‘ شيخ: شاعر، ڪالم نگار، خاڪا نويس ۽ تجزيه نگار ارشاد احمد آدرش شيخ ولد علي نواز شيخ پھرين جنوري 1963ع تي شڪارپور شھر ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم شڪارپور مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ ايم. اي سياسيات جي ڊگري سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ گورنمينٽ هاءِ اسڪول مھر شاهه قبو ۾ استاد مقرر ٿيو ۽ 2017ع ۾ هيڊ ماستر جي عھدي تان رٽائرڊ ٿيو. سندس لکڻيون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿينديون رهن ٿيون. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ’نظمن جو البم‘ (شاعري)، ’سپنن جھڙا نظم‘ (شاعري) ۽ ’بارش ۾ وسارڻ جھڙيون ڳالهيون‘ (شاعري نظم) شامل آهن. پاڻ هن وقت شڪارپور ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ ارشاد احمد آدرش شيخھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1963.01.01  عيسوي

شاعر، ڪالم نگار، خاڪا نويس ۽ تجزيه نگار ارشاد احمد آدرش شيخ ولد علي نواز شيخ پھرين جنوري 1963ع تي شڪارپور شھر ۾ ڄائو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

راز ناٿن شاهي
سوامي ڪلاچند ڪلياڻ
حيدر شاهه سيد
حاجي نور محمد شاهه نورل
حافظ حيات شاهه
حافظ شاهه ناطق حسيني
تنوير شاهه محمد زئي
شاهنواز مسافر
بدر قريشي
امام علي فقير
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون